فقير محمد جعفري

فقير محمد جعفري : لاڙڪاڻي جو مشهور وڪيل ۽ سماج سڌارڪ فقير محمد جعفري، 1936ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. 1949ع کان 1966ع تائين لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿي رهيو. نهايت جفاڪش ۽ محنتي انسان هو. سرڪاري خواه خانگي ڪيس سخت محنت سان وڙهندو هو. 1952ع ۾ نواب احمد سلطان خان چانڊيي خلاف نااهليءَ جي ڪيس ۾ سرڪاري وڪيل هو ۽ نواب صاحب طرفان صفائيءَ جو وڪيل مرحوم حسين شهيد سهروردي (سابق وزيراعظم پاڪستان) ۽ لاڙڪاڻي جو مشهور فوجداري وڪيل خانبهادر يار محمد جوڻيجو هئا. 1979ع ۾ جعفري صاحب کي يحيٰ بختيار (سابق اٽارني جنرل پاڪستان) جي خلاف نااهليءَ جي مقدمي ۾ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو ويو. هن 1978ع ڌاري وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو